صداقت اسلام

صداقت اسلام (اخبار): هيءَ هفتيوار اخبار 1937ع ۾ شڪارپور مان شاعر، سماجي ورڪر ۽ مسلم ليگ جي سرگرم ڪارڪن فقير ممتاز علي طيباڻيءَ جاري ڪئي هئي. طيباڻيءَ کي هاٿيدر ’قادري پرنٽنگ پريس’ جي نالي سان ذاتي پريس هوندي هئي، جتان هيءَ اخبار جاري ڪئي ويندي هئي. طيباڻي، مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن هو، جنهن ڪري هن اخبار ۾ مسلم ليگ جي حمايت ۽ ڪانگريس جي مخالفت ۾ مضمون شايع ٿيندا هئا. هن اخبار لاڳيتو پنجن سالن تائين شڪارپور جي مسلمانن جي حقن لاءِ نمائندگي ڪئي. 1942ع بعد اخبار بند ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو